گڏيل قومن سميت ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن ۽ ملڪن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل امن معاهدي تي مثبت ردعمل ظاهر ڪندي ان کي خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ سفارتي حل لاءِ اهم قدم قرار ڏنو آهي.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ٻنهي ملڪن کي معاهدي تي پهچڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اهو قدم تڪرار جي پرامن حل جي طرف هڪ وڏو ۽ اهم قدم آهي.
هن پاڪستان، قطر، مصر، سعودي عرب ۽ ترڪي جي تعميري ڪردار کي به ساراهيو.
سيڪريٽري جنرل موجب اهو معاهدو فوري ۽ مستقل جنگ بندي جي راهه هموار ڪندو جڏهن ته آبنائے هرمز جي بحالي سان عالمي واپار کي به رليف ملندو.
ٻئي طرف برطانيا، فرانس، جرمني ۽ اٽلي به گڏيل پڌرائي جاري ڪري آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت جي آجيان ڪئي آهي.
چارئي يورپي ملڪ واضح ڪري چڪا آهن ته ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي.
يورپي ملڪن چيو آهي ته جيڪڏهن ايران طرفان قابل تصديق قدم کنيا ويا ته بدلي ۾ پابنديون ختم ڪرڻ تي غور ڪري سگهجي ٿو.
هن آبنائے هرمز جي فوري ۽ غير مشروط افتتاح کي عالمي معيشت لاءِ ناگزير قرار ڏنو.
بيان ۾ يورپي ملڪن خطي ۾ پائيدار امن لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکڻ تي زور ڏيندي لبنان جي خودمختياري ۽ استحڪام جي ڀرپور حمايت جو به اعادو ڪيو.


