پاڪستان چار ملڪي پولو ٽورنامينٽ کٽي عالمي سطح تي هڪ ٻيو اعزاز حاصل ڪري ورتو.
آمريڪا ۾ ٿيندڙ چار ملڪي پولو ٽورنامينٽ ۾ ميزبان آمريڪا، پاڪستان، انگلينڊ ۽ ارجنٽائن جي ٽيمن حصو ورتو.
پاڪستاني پولو ٽيم فائنل ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي انگلينڊ کي شڪست ڏئي ٽائيٽل کٽي ورتو.
چار قومي پولو ٽورنامينٽ 14 جون تي ورجينيا جي گريٽ ميڊو ۾ کيڏيو ويو.
پولو ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان جي شاندار فتح ثابت ڪري ڇڏيو ته پاڪستاني ڪنهن به راند ۾ دنيا کان گهٽ ناهن.


