ڪراچي:
صوبائي ثقافت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ڪنهن جي قبضي ۾ ناهي، عوام جماعت اسلامي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي بيان تي ردعمل ظاهر ڪندي ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو آهي ته جنهن پارٽي ڪڏهن به مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ناهي ڪئي اها اسان کي جمهوريت جو درس ڏئي رهي آهي. جمهوريت پيپلز پارٽي جي رت ۾ شامل آهي، جيڪي آمريت جي نرسري ۾ پروان چڙهيا آهن، اهي اسان کي طعنا نه ڏين.
هن چيو ته سنڌ جي ترقي جي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ جماعت اسلامي کي ڪراچي ۾ پنهنجي ناڪام مڪاني حڪومتن واري دور جو حساب ڏيڻ گهرجي. پاڪستان پيپلز پارٽي هارين کي زمينن جو مالڪ بڻائي ڇڏيو، حافظ نعيم پنهنجي تاريخ درست ڪريو. بلاول ڀٽو سنڌ جي ڪارڪنن کي بينظير مزدور ڪارڊ ڏنو، جماعت اسلامي ڇا ڏنو؟ .
ذوالفقار علي شاهه سوال ڪيو ته حافظ نعيم الرحمان فوٽو سيشن ۽ پريس ڪانفرنسن کانسواءِ عملي طور ڪجهه به ڪرڻ ڄاڻي ٿو. . هن چيو ته ٻارن جي مستقبل تي سياست ڪرڻ جماعت اسلامي جي پراڻي عادت آهي. ڪراچي تي قبضو نه ٿيو، شهر جي عوام جماعت اسلامي جي نفرت واري سياست کي رد ڪري ڇڏيو.
صوبائي وزير چيو ته بجيٽ تي جبل جيتري تنقيد ڪندڙ صوبائي اسڪولن ۾ وڃي اسان جا سڌارا ڏسن. نعيم الرحمان کي گهرجي ته سنڌ جي عوام جي پريشاني ختم ڪري پنهنجي ٻڏندڙ سياست کي بچائي. پيپلز پارٽي سستي شهرت جي دعوائن تي نه پر عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي.


