حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 26 رپيا 77 پئسا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي. پيٽروليم ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 26 رپيا 77 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي قيمت 380 رپيا 19 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح پيٽرول جي قيمت ۾ به 26 رپيا 77 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي ۽ پيٽرول جي نئين قيمت 393 رپيا 33 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي. حڪومت پاران اعلان ڪيل پيٽروليم شين جا نوان اگهه 25 اپريل کان هڪ هفتي لاءِ لاڳو هوندا، پيٽروليم واري وفاقي وزير چيو ته علائقائي ڇڪتاڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو ٿي رهيو آهي، تيل جي اگهن ۾ واڌ ۽ عالمي ڀائيوارن سان معاهدن جي دٻاءَ سبب حڪومت کي تيل جي اگهن ۾ واڌ جو بار منتقل ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايندڙ هفتي لاءِ ڊيزل جي قيمت ۾ 26.77 رپيا ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 26.77 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي پئي وڃي. پيٽروليم واري وزير چيو ته وفاقي حڪومت سميت سمورين صوبائي حڪومتن عوام کي تاريخي رليف پيڪيج ڏنو آهي، دعا آهي ته خطي ۾ امن لاءِ جلد اڳڀرائي ٿئي ۽ عوام کي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ رليف فراهم ڪيو وڃي.
Source link

حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي
Leave a Comment Leave a Comment

