وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان کي تاريخي اسلام آباد امن معاهدي تي مبارڪباد ڏني، جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن معاهدي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي ڏسڻ ۽ هوشيار رهڻ تي اتفاق ڪيو.
ايڪسپريس نيوز موجب وزيراعظم ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم پاڪستان جي امن ڪوششن لاءِ سعودي عرب جي مسلسل سهڪار تي ولي عهد جو شڪريو ادا ڪيو.
وزيراعظم چيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ امن معاهدو سعودي عرب ۽ خليجي ملڪن جي ڀرپور سهڪار سان ممڪن ٿيو. ولي عهد محمد بن سلمان تاريخي امن معاهدو ڪاميابي سان مڪمل ٿيڻ تي وزيراعظم شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني.
ولي عهد فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي اڻٿڪ ڪوششن کي امن معاهدي جي ڪاميابي جو بنيادي سبب قرار ڏنو.
ٻنهي اڳواڻن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ مستقبل ۾ ٿيندڙ ڳالهين کي ڪامياب بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم ۽ سعودي ولي عهد ڳالهين واري عمل کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش خلاف هوشيار رهڻ جي تلقين ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ شاندار ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم چيو ته ٻئي ملڪ جلد جامع اقتصادي پيڪيج کي حتمي شڪل ڏيندا ۽ ان تي صحيحون ڪندا. اقتصادي پيڪيج سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي سرپرستي ۾ مڪمل ڪيو ويندو.


