پاڪستان آرمي 31هين نيشنل ٽيبل ٽينس چيمپيئن شپ کٽي پنهنجي ٽائيٽل جو ڪاميابي سان دفاع ڪيو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پاڪستان آرمي 31هين نيشنل ٽيبل ٽينس چيمپيئن شپ کٽي پنهنجي ٽائيٽل جو ڪاميابي سان دفاع ڪيو، سنڌ ٻي ۽ خيبرپختونخواه ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. مليل ڄاڻ موجب پشاور جي حيات آباد اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ جاري 4 ڏينهن واري چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان آرمي 10 مان 9 گولڊ ميڊل حاصل ڪري ڪاميابي سان ٽائيٽل جو واضح برتري سان دفاع ڪيو. پاڪستان آرمي 2 سلور ۽ 5 برانز ميڊل پڻ حاصل ڪيا. سنڌ جي واحد گولڊ ميڊل جنهن ٻئي نمبر تي رهيو، انڊر 19 بوائز ڊبلز ۾ عباس ۽ ارحام پاڪستان آرمي جي عباس ۽ ابدال کي شڪست ڏئي کٽيو، سنڌ 2 سلور ۽ 6 برونز ميڊل پڻ حاصل ڪيا. خيبرپختونخواهه 3 سلور ۽ 3 برانز ميڊلز، پنجاب 2 سلور ۽ 4 برانز، پاڪستان واپڊا 1 سلور، اسلام آباد ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير 1 ۽ 2 برانز ميڊل حاصل ڪيا، پاڪستان آرمي بوائز ۽ گرلز انڊر 19 ۽ انڊر 15 سنگلز ۽ ٽيم ايونٽس ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. پاڪستان آرمي جي حليمه ۽ فاطمه انڊر 19 گرلز ڊبلز ايونٽ به کٽي ورتو، پاڪستان آرمي جي ابدال محمد خان بوائز انڊر 19 سنگلز ۽ بوائز انڊر 15 سنگلز ٽائيٽل کٽي 2 گولڊ ميڊل حاصل ڪيا ۽ بوائز انڊر 19 ڊبلز فائنل ۾ کيڏندي سلور ميڊل کٽيو. پاڪستان آرمي جي حور فواد گرلز انڊر 19 سنگلز جي فائنل ۾ پاڪستان آرمي جي هائيڪا حسن کي شڪست ڏئي گولڊ ميڊل کٽي ورتو، حر فواد پڻ گرلز انڊر 19 ڊبلز ۾ حوريا سان گڏجي برونز ميڊل کٽيو، پاڪستان آرمي جي ايمان حسن گرلز انڊر 15 سنگلز ۾ پاڪستان جي اي ڊي اي پي خان کي شڪست ڏئي برونز ميڊل کٽيو. اختتامي تقريب ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي راندين بابت صلاحڪار تاج محمد ترند انعام ورهايا.



Source link

Share This Article
Leave a Comment