شان مسعود جي آڱر ۾ فريڪچر، بابر اعظم جي زخم جي تصديق

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


پاڪستان ٽيسٽ ڪپتان بابر اعظم تصديق ڪئي آهي ته ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ دوران اڳوڻي ڪپتان شان مسعود جي آڱر ۾ فريڪچر ٿيو هو.

اها چوٽ کيس پهرين اننگز ۾ بيٽنگ ڪندي پيش آئي، جنهن سبب هو ٻي اننگز ۾ معمول جي پوزيشن بدران اٺين نمبر تي بيٽنگ ڪرڻ آيو.

ميچ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر اعظم چيو ته شان مسعود جي انجري سبب ٽيم جو ڪمبينيشن متاثر ٿيو ۽ سندس غير موجودگي واضح طور تي محسوس ٿي رهي آهي.

سندس موجب شان آڱر ۾ فريڪچر سبب مڪمل طور تي فٽ نه هو، جنهن سبب پاڪستان جي بيٽنگ به متاثر ٿي.

جڏهن ته بابر اعظم واضح ناهي ڪيو ته شان مسعود ايندڙ ٽيسٽ لاءِ ٽيم ۾ موجود هوندو يا نه.

واضح رهي ته پاڪستان کي پهرئين ٽيسٽ ۾ ويسٽ انڊيز هٿان 90 رنسن تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، اها به ٽيم جي ٻاهرين ملڪ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ مسلسل اٺين ناڪامي ثابت ٿي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment