پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) 27-2026 جي ڊوميسٽڪ سيزن جي شيڊول ۽ ڍانچي ۾ وڏي تبديلي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
تفصيل موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ڊوميسٽڪ ڍانچي ۾ تبديلي لاءِ آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ جي تيارين کي اوليت ڏئي ڇڏي آهي.
سيزن جي شروعات 11 آگسٽ کان ملتان ۾ 4 ٽيمن تي ٻڌل ون ڊي ”نيشنل چيمپيئنز ڪپ“ سان ٿيندي، جنهن ۾ ٽيمن جي چونڊ قومي سليڪشن ڪميٽي ڪندي جنهن ۾ ون ڊي فارميٽ ۾ نوان رانديگر سامهون ايندا.
هن سيزن ۾ ٻه لسٽ اي ٽورنامينٽ منعقد ڪيا ويندا، جنهن ۾ نيشنل چيمپيئنز ڪپ کان پوءِ صدر ڪپ به ٿيندو.
ٻئي طرف ريجنل ٽيمن جو انگ 18 مان وڌائي 20 ڪيو ويو آهي جڏهن ته سيالڪوٽ ۽ پشاور کي ٻي ٽيمن کي ميدان ۾ آڻڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.
قائد اعظم ٽرافي کي به پهريون ڀيرو گولڊ ۽ سلور ڊويزن ۾ ورهايو ويو آهي.
گولڊ ڊويزن ۾ 8 مضبوط ٽيمون حصو وٺنديون، جڏهن ته سلور ڊويزن ۾ 12 ٽيمون حصو وٺنديون. ٻئي ڊويزنون پهرين نومبر کان شروع ٿينديون.
ڊوميسٽڪ سيزن نيشنل ٽي 20 ڪپ فيبروري ۽ مارچ ۾ پڄاڻي تي پهچندو، جڏهن ته پي سي بي موجب نئين شيڊول جو مقصد قومي رانديگرن کي وڌيڪ معياري مقابلو فراهم ڪرڻ ۽ ورلڊ ڪپ کان اڳ بهترين رانديگرن کي تيار ڪرڻ آهي.


