قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا پنهنجي دلچسپ تقريرن جي ڪري مداحن جون دليون کٽي ورتيون.
سلمان علي آغا پنهنجي آل رائونڊ ڪارڪردگي سبب ٽنهي فارميٽ ۾ پاڪستاني ٽيم جو اهم ميمبر آهي.
هو اڄڪلهه پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ون ڊي سيريز جي تيارين لاءِ ٽيم سان گڏ آهي. سندس مختصر باضابطه انٽرويو جي هڪ وڊيو انٽرنيٽ تي وائرل ٿي رهي آهي.
سلمان آغا کان پڇيو ويو ته سندس فون ۾ ٽين تصوير ڪنهن جي آهي، جنهن تي هن فون ڏيکاريندي چيو ته اها منهنجي پٽ جي آهي.
هن کان پڇيو ويو ته هو ڪنهن اداڪاره کي پروپوز ڪندو جنهن تي هن کلندي چيو ته مان ڪنهن کي به پروپوز نه ڪندس، مان شادي شده آهيان ۽ تمام خوش آهيان.
هڪ ٻئي سوال ۾ سلمان آغا کان پڇيو ويو ته هو ڪنهن عورت ڪرڪيٽر کي ڊيٽ تي وٺي ويندا، جنهن تي هن چيو ته مان شادي شده مرد آهيان، پنهنجي زال کي ئي وٺي ويندس.
سندس ان جواب کي مداحن طرفان خوب ساراهيو پيو وڃي.


