لاهور ۾ عيد جي ٽئين ڏينهن ننڍي ڀاءُ وڏي ڀاءُ کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



لاهور جي علائقي باغبانپوره ۾ ملڪيت جي تڪرار تان ننڍي ڀاءُ وڏي ڀاءُ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب عيد جي ٽئين ڏينهن باغبانپوره ۾ ملڪيت جي تڪرار تان ننڍي ڀاءُ عمران اشرف کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويو، جڏهن ته هو درگاه والا ۾ ملڪيت جو ڪاروبار ڪري رهيو هو. پوليس موجب مقتول عمران اشرف رحمان بازار ۾ هيئر ڊريسر جي دڪان تي موجود هو ته جوابدار جو ننڍو ڀاءُ عرفان دڪان ۾ داخل ٿيو ۽ سندس ڀاءُ تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي مارجي ويو. واقعي کانپوءِ پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته فرانزڪ ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي ثبوت گڏ ڪري ورتا. پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن



Source link

Share This Article
Leave a Comment