ڪورين ڳائڻي جونگ ڪوڪ جو انسٽاگرام اڪائونٽ اوچتو غائب ٿي ويو، مداح پريشان

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



ڏکڻ ڪوريا جي مشهور ڳائڻي جونگ ڪوڪ جو انسٽاگرام اڪائونٽ اوچتو معطل ٿيڻ مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق بي ٽي ايس ميمبر جونگ ڪوڪ جو اڪائونٽ اوچتو غائب ٿي ويو، جنهن سبب سوشل ميڊيا تي قیاس آرائيون شروع ٿي ويون ته اڪائونٽ ڊليٽ ڪيو ويو يا معطل ڪيو ويو. ڳائڻي بعد ۾ پنهنجي ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ تي هڪ اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو جنهن ۾ هن کي انسٽاگرام کان مليل نوٽيس ڏيکاريو ويو. نوٽيفڪيشن موجب جيڪڏهن 180 ڏينهن اندر اپيل نه ڪئي وئي ته اڪائونٽ مستقل طور بند ڪري سگهجي ٿو. انسٽاگرام انتظاميا وضاحت ڪئي ته اڪائونٽ ٽريڊ مارڪ ۽ دانشورانه ملڪيت جي پاليسين جي مبينه خلاف ورزي سبب بند ڪيو ويو. واضح رهي ته جنگ ڪوڪ ان کان اڳ 2023 ۾ به پنهنجو انسٽاگرام اڪائونٽ ڊيليٽ ڪري چڪو هو، جڏهن ته هن جا لکين فالوورز هئا.



Source link

Share This Article
Leave a Comment