ڍاڪا ٽيسٽ ۾ پاڪستان بنگلاديش لاءِ خوفناڪ خواب ثابت ٿيو، ميزبان ٽيم کي آساني سان 104 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ميرپور ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش پنهنجي ٻي اننگز 9 وڪيٽن جي نقصان تي 240 رنسون ٺاهي راند جي پنجين ڏينهن ڊڪليئر ڪري پاڪستان کي فتح لاءِ 268 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو.
هدف جي تعاقب ۾ پاڪستاني ٽيم 163 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. ڊيبيو ڪندڙ عبدالله فضل 66 رنسون ٺاهيون. ٻيو ڪو به بيٽسمين سٺي پرفارمنس نه ڏئي سگهيو.
سلمان علي آغا 26، محمد رضوان، سعود شڪيل ۽ اذان اويس 15 ۽ 15 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته نعمان علي 4، امام الحق ۽ ڪپتان شان مسعود 2، 2، حسن علي 1 ۽ شاهين آفريدي بنا ڪنهن رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
بنگلاديش طرفان ناهيد رانا 5، تيج الاسلام ۽ تسين احمد 2، 2 جڏهن ته مهدي حسن ميراز هڪ وڪيٽ ورتي.
ياد رهي ته پاڪستان ٽاس کٽي بنگلاديش کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني هئي.
بنگلاديش پهرين اننگز ۾ 413 رنسون ٺاهيون هيون، جنهن جي جواب ۾ پاڪستاني ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 386 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي.


