ويسٽ انڊيز جو بابر اعظم کي هٽائڻ جو تڪڙو قدم، وڊيو وائرل

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ويسٽ انڊيز پاڪستان خلاف پهرئين ٽيسٽ دوران غير معمولي حڪمت عملي اختيار ڪئي جنهن تي ڪرڪيٽ حلقن ۾ بحث ڇڙي ويو.

اوور جي آخري بال تي بابر اعظم شاٽ کيڏيو ۽ سنگل ڪرڻ چاهيو پر ويسٽ انڊين فيلڊر شمر جوزف بال کي ڪيچ ڪرڻ بدران بائونڊري ڏانهن وڃڻ ڏنو.

شمر جوزف بال جي بائونڊري لائين تي لڳڻ جو انتظار ڪيو ۽ ٽي اضافي رنسون ڏئي بابر اعظم کي اسٽرائڪ کان پري رکيو ۽ گهڻين بالن کي منهن نه ڏيڻو پيو.

ياد رهي ته بابر اعظم گذريل ڏينهن پراعتماد بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو هو ۽ سٺي فارم ۾ نظر اچي رهيو هو، جنهن ڪري ويسٽ انڊيز پنهنجي اثر کي محدود ڪرڻ لاءِ اهو رستو اختيار ڪيو هو.

واقعي جي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ ڪرڪيٽ حلقن طرفان ويسٽ انڊين ٽيم تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي ۽ ان کي راند جي روح جي خلاف عمل قرار ڏنو پيو وڃي.

جڏهن ته ڪجهه مداحن ان کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي حالتن موجب جائز حڪمت عملي به قرار ڏنو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment