پي ايس ايل: حيدرآباد ڪنگز مين راولپنڊي کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل 11) جي 24هين ميچ ۾ حيدرآباد ڪنگز مين راولپنڊي کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيل ميچ ۾ حيدرآباد ڪنگز جي ڪپتان مارنس لبوشين ٽاس کٽي راولپنڊي کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني. راولپنڊي جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 121 رنسون ٺاهيون ۽ حيدرآباد ڪنگز کي کٽڻ لاءِ 122 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. سام بلنگز 26 ۽ ياسر خان 24 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. حيدرآباد ڪنگز طرفان محمد علي ۽ حنين شاهه 3، 3 جڏهن ته گلين ميڪسويل ۽ آصف محمود هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. حيدرآباد ڪنگز مين شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 122 رنسن جو هدف 17 هين اوور ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. حيدرآباد ڪنگز طرفان عرفان خان نيازي 34 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته ڪپتان مانوس 32 رنسون ٺاهي آئوٽ رهيو. راولپنڊي طرفان آصف آفريدي ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته محمد عامر ۽ سعد مسعود هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment