اسرائيل ۽ لبنان 10 ڏينهن جي جنگ بندي تي راضي ٿي ويا. ٽرمپ جي دعويٰ

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته اسرائيل ۽ لبنان 10 ڏينهن جي جنگ بندي تي اتفاق ڪيو آهي جيڪو آمريڪي وقت موجب شام 5 وڳي شروع ٿيندو.

عالمي خابرو اداري موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ 10 ڏينهن جي جنگ بندي جو معاهدو سندن سڌي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ممڪن ٿيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هن لبنان جي صدر جوزف عون ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان به جنگ بندي لاءِ رابطو ڪيو آهي.

صدر ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو ته ٻنهي اڳواڻن پنهنجي ملڪن وچ ۾ امن حاصل ڪرڻ لاءِ 10 ڏينهن جي باضابطه جنگ بندي تي اتفاق ڪيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته تازو ئي ٻنهي ملڪن جي نمائندن وچ ۾ 34 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو واشنگٽن ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو به شرڪت ڪئي.

خاص ڳالهه اها آهي ته صدر ٽرمپ جي بيان ۾ ايراني حمايت يافته لبناني مزاحمتي گروپ حزب الله جو ڪو به ذڪر نه ڪيو ويو، جيتوڻيڪ اسرائيل ۽ حزب الله جي وچ ۾ ويڙهه اڃا تائين جاري آهي.

آمريڪي صدر لبنان جي صدر ۽ اسرائيلي وزيراعظم کي وائيٽ هائوس ۾ ڳالهين جي دعوت پڻ ڏني آهي ۽ چيو آهي ته ٻئي طرف امن چاهيون ٿا ۽ مون کي يقين آهي ته اهو جلد حاصل ٿي سگهي ٿو.

صدر ڊونالڊ ٽرمپ يو ايس جي نائب صدر جي ڊي وينس ۽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ مارڪو روبيو کي هدايت ڪئي آهي ته عمل کي اڳتي وڌايو وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment