انگلينڊ جي فٽبال ٽيم اڄ ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ روايتي حریف ارجنٽائن سان آمهون سامهون ٿيندي، جتي ڪاميابي کيس 60 سالن کانپوءِ ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچندي.
1966ع ۾ ويملي اسٽيڊيم ۾ ورلڊ ٽائيٽل کٽڻ کان پوءِ انگلينڊ صرف چند موقعن تي سيمي فائنل تائين پهتو، پر هر دفعي اهو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.
هيڊ ڪوچ ٿامس ٽوچل جي اڳواڻي ۾ انگلش ٽيم نئين تاريخ رقم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
ٽوچل جو چوڻ آهي ته رانديگر مڪمل جوش، اعتماد ۽ عزم سان هن وڏي مقابلي لاءِ تيار آهن ۽ ٽيم هاڻي ايندڙ قدم کڻڻ جي خواهشمند آهي.
انگلينڊ تازن سالن ۾ وڏن ٽورنامنٽ ۾ شاندار پرفارمنس ڏيکاري آهي پر 2018 ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ ڪروشيا کي شڪست ڏئي، يورو 2020 جي فائنل ۾ اٽلي، 2022 جي ورلڊ ڪپ ۾ فرانس ۽ يورو 2024 جي فائنل ۾ اسپين کي شڪست ڏئي سندن ٽائيٽل جا خواب ادھورا ڇڏي ويا.
ٻئي طرف انگلينڊ ۽ ارجنٽائن وچ ۾ ميچ رڳو سيمي فائنل نه پر ڏهاڪن تي ٻڌل تاريخي دشمني به آهي.
1966ع ۾ تڪراري ڪوارٽر فائنل، 1986ع ۾ ڊياگو مارادونا جو مشهور ’هينڊ آف گاڊ‘ گول، 1998ع ۾ ڊيوڊ بيڪهم جو ريڊ ڪارڊ ۽ 2002ع ۾ بيڪهم جو فيصلو ڪندڙ پينلٽي گول جهڙا لمحات مقابلي کي خاص اهميت ڏين ٿا.
ارجنٽائن جي ڪوچ ليونل اسڪالوني به اعتراف ڪيو ته ٻنهي ٽيمن جي تاريخ ميچ کي جذباتي بڻائي ٿي.
سيمي فائنل جي فاتح ٽيم آچر تي ورلڊ ڪپ جو فائنل اسپين خلاف کيڏندي، جنهن سبب هي مقابلو سڄي دنيا ۾ فٽبال مداحن جي توجه جو مرڪز بڻجي ويو آهي.


