پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي صدر محي الدين واني جي ويزن موجب پاڪستان ۾ هاڪي جي فروغ لاءِ ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هاڪي جي ڪوچز جي تربيت لاءِ ڪوچنگ ڪورس ڪرايا ويندا. تفصيل موجب هاڪي جي قومي راند کي هٿي وٺرائڻ ۽ قابل ڪوچ تيار ڪرڻ لاءِ فيڊريشن آف انٽرنيشنل هاڪي ۽ ايشين هاڪي فيڊريشن جي سهڪار سان ڪو چينگ ڪورس جو نصاب تيار ڪري پاڪستاني ڪوچز کي تربيت ڏني ويندي. ان حوالي سان پي ايڇ ايف جي سينيئر آفيشل ۽ انٽرنيشنل هاڪي ڪوچ طاهر زمان جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ هاڪي راند ۾ بيحد ٽيلنٽ موجود آهي. ايڪسپريس سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته ٽيلنٽ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوچز کي اهل هجڻ ضروري آهي. ان حوالي سان نئون نصاب تيار ڪيو پيو وڃي جنهن تحت اسلام آباد، راولپنڊي، فيصل آباد، وهاري، گجرا، لاهور، ملتان، بهاولپور، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، پشاور، ڪراچي، حيدرآباد، ڪوئيٽا، سوات ۽ ايبٽ آباد ۾ ڪوچنگ ڪورس ڪرايا ويندا. هن چيو ته عيد کانپوءِ ڪوچز جي رجسٽريشن ڪئي ويندي ۽ ڪورس ۾ حصو وٺندڙ ڪوچز کي جديد ڪوچنگ ۽ نون ضابطن بابت آگاهي ڏني ويندي، ڪامياب ڪوچز کي وفاق پاران سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا. ڪوچ طاهر زمان جو چوڻ هو ته پي ايڇ ايف جو صدر محي الدين واني سچو پاڪستاني محب وطن آهي، هو هاڪي کي جنهن طرح اسپانسر شپ ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي ان جو ماضي ۾ مثال نه ٿو ملي.
Source link

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هاڪي ڪوچز جي تربيت لاءِ ڪوچنگ ڪورسز جو انعقاد
Leave a Comment Leave a Comment

