ايران آمريڪا جنگ جا اثر سنگين آهن، 27 ملڪن عالمي بئنڪ کان مدد طلب ڪري ورتي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ جنگي صورتحال سبب دنيا جا ڪيترائي ملڪ سخت معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جنهن کانپوءِ 27 ملڪن مالي مدد لاءِ عالمي بئنڪ سان رابطو ڪري ورتو آهي.

برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اهي 27 ملڪ انهن 101 ملڪن ۾ شامل آهن جن کي عالمي بئنڪ جي ايمرجنسي فنانسنگ سسٽم يا ايمرجنسي فنانسنگ پروگرام تائين ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ رسائي حاصل آهي. انهن ملڪن موجوده عالمي معاشي دٻاءُ، تيل جي وڌندڙ قيمتن ۽ واپاري بحران سبب مالي مدد جي درخواست ڪئي آهي.

رپورٽ ۾ انهن ملڪن جا نالا ظاهر نه ڪيا ويا، جڏهن ته اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته عالمي بئنڪ کان مجموعي طور ڪيتري رقم جي درخواست ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف عالمي بئنڪ ان رپورٽ تي فوري تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي.

اجي بنگا گذريل مهيني هڪ بيان ۾ چيو ته عالمي بئنڪ عالمي معاشي بحران ۽ غير يقيني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف ملڪن کي 20 کان 25 بلين ڊالرن جي فنانسنگ فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

ماهرن موجب وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ عالمي معيشت تي دٻاءُ وڌو آهي، جڏهن ته تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي، واپاري رڪاوٽون ۽ سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي ڪيترن ئي ترقي پذير ملڪن لاءِ وڏا چئلينج بڻيل آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment