آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب تي زور ڀريو هو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هو اسرائيل سان ابراهيمي معاهدي ۾ شامل ٿئي.
عالمي خابرو اداري موجب سعودي عرب صدر ٽرمپ جي ابراهيمي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت رد ڪندي واضح موقف اختيار ڪيو ته آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام کان سواءِ اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي نه آڻيندو.
سعودي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فلسطين جي مسئلي تي اسان جو موقف اڳ جهڙو ئي آهي. ڪنهن به امڪاني معاهدي لاءِ هڪ آزاد فلسطيني رياست لاءِ واضح، معتبر ۽ ناقابل واپسي رستو گهربل هوندو.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسرائيل سان لاڳاپا تڏهن ئي ممڪن هوندا جڏهن فلسطين جي ٻه رياستي حل لاءِ حقيقي ضمانتون هجن ڇو ته وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جو دارومدار منصفانه ۽ جامع حل تي آهي.
سعودي ولي عهد محمد بن سلمان پڻ ڪيترن ئي موقعن تي چئي چڪو آهي ته سعودي عرب فلسطيني رياست جي قيام کان سواءِ اسرائيل کي تسليم نه ڪندو.
سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان السعود به گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي فورمن تي ان ئي موقف کي ورجايو ته خطي ۾ حقيقي استحڪام فلسطيني رياست جي قيام سان ئي ممڪن آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ زور ڀريو هو ته ايران ڊيل سان لاڳاپيل مسلمان ملڪن کي به ابراهيمي ڊيل ۾ شامل ڪيو وڃي.
صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته هن اهو مطالبو سعودي عرب، قطر، پاڪستان، ترڪي ۽ ٻين ملڪن سان ايران ڊيل تي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو.


