پاڪستاني شوبز شخصيتون به عيدالاضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهيون آهن.
اداڪارن ۽ فنڪارن خوبصورت روايتي لباس پهريل، منظم قربانيون ڏنيون ۽ گهر ڀاتين سان خوشگوار لمحا گذاريا.
ڪيترن ئي مشهور ستارن سوشل ميڊيا تي پنهنجي عيد جون خاص تصويرون مداحن سان شيئر ڪيون آهن، جن کي تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي.
عيد جي پهرين ڏينهن شوبز ستارا نه رڳو خوشين ۾ پر عبادت ۽ شڪرگذاري جي جذبن ۾ به نظر آيا.









