پاڪستان جي مشهور اداڪار احسن خان جو والد لاڏاڻو ڪري ويو آهي جنهن جي خبر هن پاڻ سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجي مداحن کي ڏني.
فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي احسن خان پنهنجي والد سان گڏ ڪجهه يادگار تصويرون شيئر ڪيون ۽ هڪ جذباتي پيغام پڻ لکيو. هن لکيو ته ڪجهه جدائيون انسان کي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي حقيقت جو احساس ڏيارين ٿيون ته هن دنيا ۾ ڪا به شيءِ هميشه لاءِ ناهي ۽ هر شيءِ دراصل الله جي امانت آهي.
اداڪاره پنهنجي والد کي شاندار شخصيت قرار ڏيندي چيو ته اڄ هو جيڪو به آهي ان ۾ سندس والد اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
احسن خان ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيڻ وارن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته جن ساڻس رابطو ڪيو، پيار ۽ همدردي جو اظهار ڪيو، هو انهن سڀني جو ٿورائتو آهيان. سندس چوڻ هو ته ماڻهن جي محبت ۽ حمايت کيس اهو احساس ڏياريو ته هو هن آزمائش ۾ اڪيلو نه آهي، جنهن جو مطلب سندس لاءِ تمام گهڻو آهي.
اداڪار جي والد جي لاڏاڻي تي مداحن، شوبز شخصيتن ۽ سوشل ميڊيا صارفين دلي تعزيت جو اظهار ڪري رهيا آهن ۽ مرحوم جي لاءِ دعائون گهري رهيا آهن.


