ملڪ جي مشهور رانديگرن عيد الاضحيٰ جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي.
بابر اعظم، شاهين آفريدي، شاداب خان، حارث رئوف ۽ مردن جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ٻين رانديگرن قوم کي عيد جون مبارڪون ڏنيون آهن ۽ چيو آهي ته تفريح ڪريو، گهڻو کاڌو کائو، صاف سٿرو رهو ۽ پنهنجي آس پاس جي ماڻهن جو خيال رکو.
وومين ڪرڪيٽرز چيو ته عيد جون خوشيون ورهايون، هڪ ٻئي جو خيال رکو، الله اوهان جون قربانيون قبول فرمائي.
واضح رهي ته آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز لاءِ اسڪواڊ ۾ شامل رانديگر عيد الاضحيٰ پنهنجي گهرن ۾ ملهائي رهيا آهن.
سمورا رانديگر سڀاڻي راولپنڊي ۾ ٻيهر اسڪواڊ ۾ شامل ٿيندا.


