ايران ۾ اسرائيل لاءِ جاسوسي جي الزام ۾ ٻن ڄڻن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


تهران ۾ اختيارين ٻن ڄڻن کي صهيوني رياست لاءِ جاسوسي ڪرڻ تي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

ايراني عدالتي ذريعن موجب جوابدارن تي حساس معلومات دشمن ملڪ تائين پهچائڻ جو الزام هو، جنهن کي قومي سلامتي خلاف سنگين ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي.

عدالت ڪيس ٻڌڻ بعد ٻنهي ڄڻن کي موت جي سزا جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اختيارين جو چوڻ آهي ته ملڪي سلامتي خلاف ڪاررواين خلاف سخت ڪارروائي جاري رهندي ۽ ان حوالي سان زيرو ٽالرنس جي پاليسي اختيار ڪئي وئي آهي.

ماهرن موجب ان نوعيت جا ڪيس ۽ فيصلا خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ وڌيڪ نمايان ٿي رهيا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment