سعودي گهرو وزارت چيو آهي ته روٽ ٽو مڪي پروگرام تحت عازمين حج کي سفري سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.
ميڊيا رپورٽن موجب روٽ ٽو مڪي پروگرام ۾ شامل ملڪن ۾ سعودي اميگريشن پروسيس تحت لکين حاجين کي سفري سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ته جيئن هو آساني سان سعودي عرب پهچي سگهن.
سعودي گهرو وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته روٽ ٽو مڪي انيشيٽو 2017ع ۾ شروع ڪيو ويو هو، جنهن ذريعي حاجين لاءِ آسان سفري سهولتون شروع ڪيون ويون. روٽ ٽو مڪه پروگرام تحت هن سال 17 ملڪن جي 17 مختلف ايئرپورٽن تي زائرين سفر ڪري سگهندا.
گذريل 9 سالن دوران 12 لک 54 هزار 994 زائرين مڪي شريف جي روٽ مان فائدو حاصل ڪيو آهي. پاڪستان کان لاهور، اسلام آباد ۽ ڪراچي ايئرپورٽس کان آيل پاڪستاني حاجين کي به آسان رستن ذريعي مڪي تائين آسان سفر جون سهولتون ملنديون.
روٽ ٽو مڪي پروگرام تحت سعودي اختيارين پاڪستان جي انهن ايئرپورٽس تي حاجين جي اميگريشن ۽ ڪسٽم ڪليئرنس جو عمل مڪمل ڪندا ته جيئن کين سعودي عرب پهچڻ تي ٻيهر اميگريشن جي عمل مان گذرڻو نه پوي.


