پائيدار امن جو حل يا ته يوڪرين جي فوجن جي فتح آهي يا پوتن جي موت، اڳوڻي ڪينيڊين ڪمانڊر

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


هڪ رٽائرڊ ڪينيڊين ليفٽيننٽ چيو آهي ته صرف يوڪرين جي فوجن جي فتح يا پوتن جي موت هڪ پائيدار امن پيدا ڪري سگهي ٿي.

تفصيل موجب ڪئناڊا جي جوائنٽ آپريشنز ڪمانڊ جي اڳوڻي ڪمانڊر ڪرسٽوفر ڪوٽس هڪ تازي بيان ۾ چيو آهي ته جيستائين روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي موت نه ٿيندي يوڪرين ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ ناممڪن آهي.

اڳوڻي ڪينيڊين آفيسر اهي ڳالهيون يوڪرين کان واپسي کانپوءِ ڪيون، جتي هن ميڪڊونلڊ لاريئر انسٽيٽيوٽ ۾ پرڏيهي پاليسي جي ڊائريڪٽر طور دورو ڪيو.

فورم کي خطاب ڪندي ڪرسٽوفر چيو ته هو يوڪرين جي روس جي مزاحمت جاري رکڻ جي صلاحيت تي يقين رکي ٿو، پر خبردار ڪيو ته روس بنيادي طور تي مختلف قسم جي جنگ وڙهي رهيو آهي.

”مان يوڪرين تي يقين رکان ٿو، پر مان چئلينجن کان به واقف آهيان ڇو ته يوڪرين محدود وسيلن سان ڪم ڪري رهيو آهي جڏهن ته روس کي گهٽ رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو،“ هن چيو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment