پاڪستان هاڪي فيڊريشن پاران منعقد ڪيل وزيراعظم نيشنل انڊر 21 وومين هاڪي چيمپيئن شپ شروع ٿي وئي آهي، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان 16 ٽيمون ٽائيٽل لاءِ آمهون سامهون آهن. نصير بندا هاڪي اسٽيڊيم ۾ چيمپيئن شپ جو افتتاح پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي صدر ۽ وفاقي سيڪريٽري بين الصوبائي رابطا محي الدين واني ڪيو. قومي وومين چيمپيئن شپ مان باصلاحيت رانديگرن جي چونڊ ڪري عورتن جون ٻه ٽيمون ٺاهيون وينديون. محي الدين واني چيو ته چونڊيل ٽيم انڊر 18 ايشيا هاڪي ڪپ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي، جڏهن ته پنج رڪني انڊر 18 ايشيا ڪپ هن سال عمان ۾ کيڏيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان جي سينيئر وومين هاڪي ٽيم کي به تيار ڪيو ويندو ۽ بهترين ڪوچز جي ڀرتي ڪئي ويندي ته جيئن عورت رانديگرن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو وڃي. پي ايڇ ايف جي صدر ان عزم کي ورجايو ته وومين هاڪي کي مضبوط بنيادن تي استوار ڪرڻ ۽ عالمي هاڪي ۾ پاڪستان کي ٻيهر شهرت ڏيارڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا. چيمپيئن شپ جي پهرين ڏينهن سنڌ، پنجاب بي ۽ ڪشمير جي ٽيمن ڪاميابي حاصل ڪئي. سنڌ جي رانديگرياڻي انوشا شاهه شاندار هيٽ ٽرڪ اسڪور ڪندي خيبرپختونخواهه اي کي 0-4 تان شڪست ڏئي ڇڏي. ٻئي طرف هڪ طرفي مقابلي ۾ ڪشمير جي ٽيم خيبرپختونخواه بي کي 0-9 تان شڪست ڏئي ايونٽ ۾ شاندار شروعات ڪئي.
Source link

پاڪستان هاڪي فيڊريشن پاران وزيراعظم نيشنل انڊر 21 وومين هاڪي چيمپيئن شپ منعقد ڪئي وئي
Leave a Comment Leave a Comment

