سريلنڪا جو اسٽار وڪيٽ ڪيپر ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جو حصو بڻجي ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



سريلنڪا جو اسٽار وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين دنيش چنديمل ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي اسڪواڊ ۾ شامل ٿي ويو آهي. دنيش چنديمل پي ايس ايل 11 جي ايندڙ ٽن ميچن لاءِ موجود هوندو، بيون جيڪبز جي جاءِ تي هو قومي ڊيوٽي سبب نيوزيلينڊ روانو ٿي ويو آهي. ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز پنهنجي ستين ميچ جمعي تي دفاعي چيمپيئن لاهور قلندرز سان کيڏندي، اٺين ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز هڪ ڀيرو ٻيهر آچر تي پشاور زلمي کي آمهون سامهون ٿيندي، جڏهن ته پنهنجي آخري ميچ ۾ 21 اپريل تي قذافي اسٽيڊيم ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر لاهور قلندرز کي منهن ڏيڻو پوندو. ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز هن وقت تائين 6 ميچن ۾ ٻن فتحن ۽ 4 شڪستن سان 4 پوائنٽس سان پنجين نمبر تي آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment