اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پرڏيهي مٽاسٽا جي مجموعي ذخيرن بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ 10 اپريل تي ختم ٿيندڙ هفتي جو ڊيٽا شامل ڪيو ويو آهي، جنهن موجب يورو بانڊز جي واپسي سبب حڪومتي ذخيرن ۾ نمايان گهٽتائي آئي. ترجمان موجب 10 اپريل تي ختم ٿيندڙ هفتي ۾ حڪومتي زرمبادله ذخيرن ۾ هڪ ارب 32 ڪروڙ 10 لک ڊالرن جي گهٽتائي ٿي، جنهن کانپوءِ سرڪاري ذخيرن جو قدر 15 ارب 79 ڪروڙ 50 لک ڊالرن جي سطح تي پهچي ويو. اسٽيٽ بئنڪ موجب پاڪستان گذريل هفتي دوران يورو بانڊز جي مدي جي مد ۾ هڪ ارب 42 ڪروڙ 61 لک ڊالر ادا ڪيا، جنهن کانپوءِ 10 اپريل تي ملڪي زرمبادله جي مجموعي ذخيرن جو قدر 20 ارب 52 ڪروڙ 45 لک ڊالرن جي سطح تي پهچي ويو، ان کان علاوه ڪمرشل بئنڪن وٽ پرڏيهي مٽا سٽا جي ذخيرن جو قدر 5 ارب 45 ڪروڙ ڊالرن جي سطح تي پهچي ويو.
Source link

1 ارب 32 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ جي سرڪاري ذخيرن ۾ وڏي گهٽتائي
Leave a Comment Leave a Comment

