لنڊن: مشهور برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر لارڊ طارق احمد آف ومبلڊن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ متوقع معاهدي جي آجيان ڪئي آهي ۽ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو آهي.
لارڊ طارق احمد پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته کيس اميد آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اسلام آباد ۾ مفاهمتي ياداشت تي صحيحن کانپوءِ خطي ۾ امن جو نئون دور شروع ٿيندو.
هن چيو ته سمورين مشڪلاتن، رڪاوٽن ۽ ڪيترن ئي سفارتي چئلينجن جي باوجود پاڪستان امن جي قيام لاءِ مسلسل ۽ موثر سفارتي ڪوششون جاري رکيون.
لارڊ طارق احمد موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪستان جي ”شٽل ڊپلوميسي“ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به سفارتي رابطن ۽ ڳالهين واري عمل کي ڪامياب بڻائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪيو.
برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر چيو ته پاڪستان جون اهي سفارتي ڪوششون نه رڳو خطي پر عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ به اهم ثابت ٿي سگهن ٿيون.
اڄ رات، قطع نظر اسان دنيا ۾ ڪٿي به آهيون، اسان اجتماعي اميد رکون ٿا
آمريڪا 🇺🇸 ۽ ايران 🇮🇷 جي وچ ۾ اسلام آباد مفاهمت جي ياداشت تي دستخط ٿيڻ سان امن اچي رهيو آهي – ۽ سڀني چيلنجز ۽ رڪاوٽن جي باوجود… https://t.co/bNoFeLDLAg– دي لارڊ (طارق) احمد آف ومبلڊن KCMG (@tariqahmadbt) جون 13، 2026
هن اميد ظاهر ڪئي ته تجويز ڪيل معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي ۽ وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
سياسي مبصرن موجب جيڪڏهن معاهدو ڪامياب ٿيو ته ان کي پاڪستان جي تازي تاريخ جي اهم سفارتي ڪاميابين ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.


