پي سي بي پاران قومي ڪرڪيٽرن جي ميچ فيس ۾ واڌ جو فيصلو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي ڪرڪيٽرن جي ميچ فيس وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

چيئرمين پي سي بي محسن نقوي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اهو ٽنهي فارميٽس، ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي 20 ۾ لاڳو ٿيندو، سينٽرل ڪانٽريڪٽ لاءِ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ لازمي هوندو، مقرر معيار تي پورو نه لهندڙ رانديگر کي سائن نه ڪيو ويندو.

هن چيو ته ڪانٽريڪٽ لاءِ 5 ڪيٽيگريز متعارف ڪرايا پيا وڃن، ٽي 20، ون ڊي ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ لاءِ الڳ حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، رانديگرن جي سليڪشن جو نظام جيترو ٿي سگهي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو پيو وڃي.

محسن نقوي چيو ته 85 سيڪڙو فيصلا ڊيٽا، فٽنيس ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي ٿيندا، ٽيسٽ ڪپتاني بابت فيصلو لاڳاپيل ٽيم ۽ سليڪشن اختيارين ڪندا، شاداب خان جي ڪپتاني بابت ڪا ڄاڻ ناهي، سرفراز احمد پاڪستاني ڪرڪيٽ جو اثاثو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment