پي ايس ايل 11: گلين ميڪسويل هڪ اهم سنگ ميل عبور ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل 11) ۾ حيدرآباد ڪنگز جي آل رائونڊر گلين ميڪسويل شاندار سنگ ميل حاصل ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي. حيدرآباد ڪنگز ۽ راولپنڊي وچ ۾ کيڏيل ميچ دوران آل رائونڊر گلين ميڪسويل 10 هزار رنسون ۽ 200 وڪيٽون مڪمل ڪري منفرد اعزاز حاصل ڪري ورتو. اهڙي طرح هو ٽي 20 ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ اهو ڪارنامو سرانجام ڏيندڙ ٻيو رانديگر بڻجي ويو. ميچ دوران هن بيٽسمين عثمان خواجه کي آئوٽ ڪري پنهنجي 200 هين وڪيٽ مڪمل ڪئي. انگن اکرن موجب ميڪسويل ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ 11 هزار کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ سان گڏ 200 وڪيٽون پڻ ورتيون آهن، جيڪو سندس آل رائونڊ ڪارڪردگي جو ثبوت آهي. واضح رهي ته ميڪسويل جو هي پي ايس ايل ۾ پهريون سيزن آهي ۽ هو پنهنجي جارحاڻي بيٽنگ ۽ اثرائتو بالنگ سبب دنيا جي خطرناڪ ترين ٽي 20 رانديگرن ۾ شمار ٿئي ٿو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment