گرين پاڪستان انيشي ايٽو جي سهڪار سان جديد ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي غير آباد زمينن کي قابل کاشت بڻايو پيو وڃي.
ٽيڪنو ايگري اينڊ فوڊز جي نمائندي ارسلان الاولا موجب گرين پاڪستان انيشيٽو جي لينڊ ريفارمز تحت ڪارپوريٽ گروپن کي ڳوٺاڻي معيشت جي بحاليءَ ۾ حصو وٺڻ جو موقعو مليو.
هن چيو ته ٽيڪنو ايگري اينڊ فوڊز خوشاب ۽ ميانوالي ڀرسان 950 ايڪڙن تي ڪارپوريٽ فارمنگ شروع ڪري ڇڏي آهي، ان منصوبي جو مقصد غير آباد زمينن کي جديد فارمنگ ذريعي قابل آباد بڻائي زرعي پيداوار وڌائڻ آهي.
ارسلان الاولا چيو ته اسان جو مقصد پاڪستان جي بنجر زمينن کي قابل کاشت بڻائي جديد زرعي ملڪن سان مقابلو ڪرڻ آهي. روڊس گراس سينٽرل پيوٽ ذريعي 260 ايڪڙن جي بلاڪ ۾ پوکيو پيو وڃي، جنهن جي برآمد سان قيمتي پرڏيهي مٽاسٽا ۾ اضافو ٿيندو.
هن چيو ته موجوده 950 ايڪڙ واري پائلٽ پروجيڪٽ کي 5000 ايڪڙ ۽ ان کان اڳتي وڌائڻ جو منصوبو آهي.
گرين پاڪستان انيشي ايٽو جي سهڪار سان، جديد زرعي ٽيڪنالاجي ۽ ڪارپوريٽ سيڙپڪاري پاڪستان ۾ زرعي ترقي لاءِ نوان رستا کولي رهيا آهن.


