وزيراعظم محمد شهباز شريف اعليٰ حڪومتي، آئيني ۽ سياسي شخصيتن سان ٽيليفونڪ رابطا ڪري عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.
تفصيل موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر، گورنر پنجاب، بلوچستان جي گورنر، خيبرپختونخواهه جي گورنر، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، پنجاب جي وڏي وزير، سنڌ جي وڏي وزير، بلوچستان جي وڏي وزير ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير سان الڳ الڳ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ان کان علاوه وزيراعظم استحڪام پاڪستان پارٽي جي چيئرمين عبدالعليم خان، بلوچستان عوامي پارٽي جي خالد مگسي ۽ قومي عوامي پارٽي جي اڳواڻ آفتاب شيرپائو سان به رابطو ڪري عيد جي مبارڪباد ڏني.
وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعالٰي پاڪستان کي امن، ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام عطا ڪري ۽ قوم کي اتحاد ۽ اتفاق جي دولت سان نوازي.
ڳالهين دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ موثر لاڳاپن ۽ گڏيل سهڪار جي اهميت تي زور ڏنو ويو.
وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت سمورن صوبن ۽ يونٽن جي سهڪار سان عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي.


