اسلام آباد:
اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا ملڪ ۾ جاري توانائي بچت مهم جي حوالي سان سخت حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، اسلام آباد جون سموريون مارڪيٽون، دڪان، شاپنگ مالز رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
ضلعي انتظاميا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڇنڇر ۽ آچر سميت 7 ڏينهن تي بازارون، دڪان رات 8 وڳي بند رهندا، دڪان، گراسري اسٽور، سموريون هوٽلون ۽ ريسٽورنٽ رات 10 وڳي بند رهندا.

کاڌي پيتي جي دڪانن تان پيڪ ٿيل کاڌي تي ڪا به پابندي نه هوندي، شادي هال ۽ ٻين پروگرامن جا هال رات 10 وڳي تائين بند ڪيا ويندا.
نوٽيفڪيشن موجب اسپتالون، ميڊيڪل اسٽور، ليبارٽريون، پيٽرول پمپ ان حڪم کان مستثنيٰ هوندا، کير جا دڪان به رات 8 وڳي بند ڪرڻ واري حڪم کان مستثنيٰ آهن.


