آمريڪي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسٿ ڪيترن ئي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پينٽاگون ۾ جنگي صورتحال بابت پريس بريفنگ ۾ ڪيترائي حقيقتون پيش ڪيون.
آمريڪي خابرو اداري موجب بچاءَ واري سيڪريٽري پيٽ هيگسٿ هڪ ڀيرو ٻيهر پريس بريفنگ ۾ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران جنگ بندي بابت دانشمندي وارو فيصلو نه ڪيو ته آمريڪي فوج ٻيهر جنگ شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
پريس بريفنگ کانپوءِ آمريڪي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسٿ به صحافين جي سوالن جا جواب ڏنا. هڪ صحافي ايران جي نئين سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي بابت به سوال پڇيو.
ياد رهي ته 28 فيبروري تي اسرائيلي حملي ۾ ايران جو رهبر آيت الله خامنه اي پنهنجي ساٿين سميت شهيد ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ سندس پٽ مجتبي خامنه اي کي نئون سپريم ليڊر چونڊيو ويو هو.
نئون سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي عهدو سنڀالڻ کانپوءِ اڃا تائين عوام ۾ ظاهر نه ٿيو آهي. هن جو ڪوبه وڊيو بيان نه آهي. هن جا سمورا بيان هن وقت تائين سرڪاري ٽي وي تي پڙهيا ويا آهن.
جنهن کان پوءِ سندس جان بابت افواهون گرم آهن جڏهن ته ميڊيا رپورٽن ۾ اها به دعويٰ ڪئي وئي آهي ته مجتبيٰ خامنه اي ان ئي حملي ۾ زخمي ٿيو جنهن ۾ سندس والد شهيد ٿيو هو.
آمريڪي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسٿ اڄ پريس بريفنگ ۾ ان بابت هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته مجتبيٰ خامنه اي جيئرو آهي پر سخت زخمي آهي.
ياد رهي ته ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو هو ته مجتبيٰ خامنه اي جي پير ۾ زخم آهي ۽ کيس انتهائي محفوظ ۽ حساس هنڌ تي طبي امداد ڏني پئي وڃي پر ايران طرفان ڪو به ردعمل سامهون نه آيو آهي.


