سون ۽ چاندي جا اگهه اڄ به برقرار رهيا. عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جي في اونس قيمت 4 هزار 548 ڊالر جي سطح تي برقرار رهي. مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ اڱاري ڏينهن سون جو في تولو اگهه 4 لک 77 هزار 162 رپيا ۽ في 10 گرام سون جو اگهه 4 لک 9 هزار 89 رپيا تي برقرار رهيو. اهڙي طرح عالمي مارڪيٽ ۾ چاندي جو في اونس اگهه 76 ڊالر 15 سينٽ تي برقرار رهيو. مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ چاندي جو في تولو اگهه 8 هزار 999 رپيا ۽ 10 گرام چاندي جو اگهه به بنا ڪنهن تبديلي جي 6 هزار 943 رپين جي سطح تي مستحڪم رهيو.
Source link

سون جي قيمت بغير ڪنهن تبديلي جي مستحڪم
Leave a Comment Leave a Comment

