اسلام آباد:
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ افغان سرحد تي مهمند ۽ اتر وزيرستان جي علائقن ۾ دهشتگردن جي دراندازي جي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ تي سڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته افغانستان سان تعلق رکندڙ پرڏيهي عنصرن جي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش بروقت ڪارروائي ڪري ناڪام بڻائي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 13 دهشتگرد مارجي ويا.
هن ڪامياب آپريشن تي فورسز جي همت ۽ حوصلي کي خراج تحسين پيش ڪيو.
شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي، ملڪ دشمن عنصرن کي سندن ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج جو هر سپاهي وطن جي دفاع لاءِ ڏينهن رات مصروف آهي ۽ پنهنجي جان قربان ڪرڻ کان به دریغ نه ٿو ڪري.
وزيراعظم ان عزم کي ورجايو ته پوري قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ قومي سلامتي لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي دفاع ۽ امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ناقابل فراموش آهن ۽ قوم کي مٿن فخر آهي.


