اسلام آباد:
وفاقي آئيني عدالت سپر ٽيڪس بابت اهم فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو ويو.
وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان پاران 293 صفحن تي ٻڌل سپر ٽيڪس ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001 جي سيڪشن 4 سي تحت سپر ٽيڪس لاڳو ڪرڻ کي آئيني قرار ڏنو ويو آهي.
فيصلي ۾ چيو ويو ته سپر ٽيڪس کي انڪم ٽيڪس کان الڳ الڳ ٽيڪس سمجهيو ويندو. عدالت سيڪشن 4 سي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي واضح ڪيو ته سيڪشن 4 سي تحت ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو اطلاق ٽيڪس سال 2022 ۽ ايندڙ سالن لاءِ ٿيندو.
وفاقي آئيني عدالت موجب پارليامينٽ کي انڪم ٽيڪس آرڊيننس تحت آمدني تي ٽيڪس لڳائڻ جو مڪمل اختيار آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو ايف بي آر کي سرڪيولر جاري ڪرڻ جو حڪم اختيار کان ٻاهر آهي. عدالت چيو ته سپر ٽيڪس عام انڪم ٽيڪس کان علاوه آهي، ان جو متبادل ناهي.
تفصيلي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سيڪشن 4 سي سڀني آمدني تي لاڳو ٿيندو جيڪي الڳ ٽيڪس ريجيم تحت اينديون آهن جڏهن ته سرمائيداري حاصلات به ساڳئي سيڪشن تحت سپر ٽيڪس جي تابع هوندي. پيٽروليم ۽ ايڪسپلوريشن ڪمپنين تي سپر ٽيڪس جو اطلاق ڪجهه قانوني حدن ۽ معاهدن سان مشروط هوندو.
عدالت وڌيڪ چيو ته ويلفيئر ۽ پينشن فنڊز سپر ٽيڪس کان ڇوٽ جي سرٽيفڪيٽن جي تصديق جا پابند هوندا. فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته قانون سازي ذريعي ماضي کان ٽيڪس لڳائڻ قانوني طور جائز آهي. ڪجهه شعبن تي وڌيڪ سپر ٽيڪس لاڳو ڪرڻ امتيازي سلوڪ نه پر قانون سازن جي صوابديد آهي.
وفاقي آئيني عدالت واضح ڪيو ته ٽيڪس کان استثنيٰ حاصل ڪندڙ آمدني کي به سپر ٽيڪس کان ڇوٽ ڏني ويندي ۽ ان آمدني تي سپر ٽيڪس لاڳو نه ٿيندو جنهن تي قانون تحت ٽيڪس نه هجي.
اهڙي طرح، ٽيڪس معافي جي صورت ۾ ملڪيت يا شيئرز جي وڪرو تي سپر ٽيڪس لاڳو نه ٿيندو، جڏهن ته مخصوص مدت کان پوءِ حاصل ڪيل ورثي يا آمدني تي سپر ٽيڪس لاڳو نه ٿيندو. زرعي زمين جي وڪرو يا آمدني تي به سپر ٽيڪس لاڳو نه ٿيندو.


