پيٽروليم شين جي اگهن ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن به واڌ ڪئي وئي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي عالمي مارڪيٽ ۾ وڌندڙ قيمتن کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن به واڌ ڪئي آهي.

ايڪسپريس نيوز موجب پيٽروليم ڊويزن نئين نظام تحت 23 جولاءِ لاءِ اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب اوگرا پيٽرول جي قيمت ۾ 6 رپيا 39 پئسا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 327 رپيا 12 پيسا ٿي وئي.

اهڙي طرح هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا 83 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ قيمت 375 رپيا 4 پيسا في ليٽر تي پهچي وئي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment