پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لڳاتار 5 ڏينهن تائين واڌ کانپوءِ حڪومت ايندڙ ٻن ڏينهن تائين وڌيڪ تبديلي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ توانائي واري وزارت نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. پيٽروليم ڊويزن (توانائي واري وزارت) طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽروليم شين جا اگهه 25 جولاءِ 2026ع لاءِ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايندڙ ٻن ڏينهن تائين برقرار رهندا، حڪومتي فيصلي موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت 335 رپيا 18 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت 4 رپيا 38 پئسا في ليٽر برقرار رهندي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جون قيمتون 26 ۽ 27 جولاءِ 2026 تائين برقرار رهنديون، ياد رهي ته حڪومت گذريل ڏينهن پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي هئي، جيڪو نئين طريقيڪار تحت مسلسل پنجون ڏينهن هو. حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 3 رپيا 66 پئسا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 4 رپيا 80 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي آهي، جڏهن ته ان کان اڳ ان ۾ بالترتيب 4 رپيا 40 پئسا ۽ 3 رپيا 62 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي هئي. حڪومت 24 جولاءِ لاءِ پيٽرول جي قيمت 331 رپيا 52 پئسا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت 378 رپيا 66 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي هئي.
Source link

حڪومت جو پيٽروليم شين جون قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو
Leave a Comment Leave a Comment

