ڪراچي:
عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ به واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
عالمي بلين مارڪيٽ ۾ ڇنڇر جي ڏينهن سون جي في اونس قيمت ۾ 43 ڊالر 70 سينٽ جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن بعد نئين عالمي قيمت 4 هزار 219 ڊالر جي سطح تي پهچي وئي.
اهڙي طرح مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ في تولو 24 قيراط سون جو اگهه 4370 رپيا واڌ سان 4 لک 44 هزار 336 رپيا ۽ في 10 گرام سون جو اگهه 3933 رپيا واڌ سان 3 لک 79 هزار 880 رپيا ٿي ويو.
اهڙي طرح چاندي جو في تولو اگهه 200 رپيا وڌي 7 هزار 279 رپيا ۽ چاندي جو في 10 گرام اگهه به 171 رپيا وڌي 6 هزار 199 رپيا ٿي ويو.


