ملازمن لاءِ نوان انڪم ٽيڪس سليبس؛ ڪيترو تنخواه ٽيڪس کان معافي ڏني ويندي؟

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


اسلام آباد:

وفاقي حڪومت پهرين جولاءِ 2026ع کان سرڪاري ملازمن ۽ پگهاردار طبقي لاءِ انڪم ٽيڪس جا نوان سليب متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن.

قومي اسيمبلي فنانس بل 2026ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تحت مختلف آمدني وارن ماڻهن لاءِ نئين ٽيڪس جي شرح مقرر ڪئي وئي آهي.

فنانس بل موجب 6 لک رپين تائين سالياني آمدني وارن کي انڪم ٽيڪس کان مڪمل ڇوٽ ڏني ويندي. جڏهن ته 6 لک کان 12 لک رپيا سالياني آمدني وارن ماڻهن تي هڪ سيڪڙو انڪم ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو.

نئين ٽيڪس نظام تحت 12 لک کان 22 لک رپين جي سالياني آمدني وارن کي 6000 رپيا فيڪس ٽيڪس ۽ اضافي رقم تي 11 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. اهڙي طرح 2.2 لک کان 3.2 لک رپين جي سالياني آمدني وارن ماڻهن تي 1.16 هزار رپيا فيڪس ٽيڪس ۽ اضافي رقم تي 20 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو هوندو، جڏهن ته اڳ اها شرح 23 سيڪڙو هئي.

فنانس بل ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 32 لک کان 41 لک رپين جي سالياني آمدني وارن ماڻهن تي وڌيڪ رقم تي 3 لک 46 هزار رپيا ۽ 25 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿيندو. اهڙي طرح 41 لک کان 56 لک رپيا سالياني آمدني وارن لاءِ 5 لک 41 هزار رپيا فيڪس ٽيڪس ۽ ان کان وڌيڪ رقم تي 29 سيڪڙو ٽيڪس مقرر ڪيو ويو آهي.

نئين سليب موجب 56 لک کان 70 لک رپين جي سالياني آمدني وارن کي 9 لک 76 هزار رپيا في اضافي ٽيڪس سان گڏ 32 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو، جڏهن ته 70 لک رپين کان وڌيڪ سالياني آمدني وارن کي 14 لک 24 هزار رپيا فڪسڊ ٽيڪس ۽ اضافي آمدني تي 35 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو.

فنانس بل 2026 تحت اهي سڀ نوان ٽيڪس ريٽ پهرين جولاءِ 2026 کان لاڳو ٿيندا ۽ تنخواه ڏيندڙ طبقي ۽ سرڪاري ملازمن تي لاڳو ٿيندا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment