پرڏيهي قرضن ۽ واجبن جي ادائگي سبب حڪومت جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ هڪ ارب ڊالرن جي گهٽتائي ٿي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران جاري ڪيل بيان موجب 10 جولاءِ تي ختم ٿيندڙ هفتي دوران سرڪاري پرڏيهي مٽا سٽا جي ذخيرن ۾ هڪ ارب 24 ڪروڙ 45 لک ڊالرن جي گهٽتائي ٿي آهي.
رپورٽ موجب پرڏيهي مٽا سٽا جي سرڪاري ذخيرن جي ماليت 17 ارب 2258 ملين ڊالرن جي سطح تي پهچي وئي، جڏهن ته مجموعي ذخيرن جي ماليت 22 ارب 67 ڪروڙ 50 لک ڊالر رڪارڊ ڪئي وئي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب ڪمرشل بئنڪن وٽ 5 ارب 44 ڪروڙ 90 لک ڊالر جا ذخيرا آهن.


