اسلام آباد:
پاڪستان، ايل اين جي جي موقعي تي خريداري جو فيصلو ڪندي، ٽن ايل اين جي ڪارگوز لاءِ بين الاقوامي ڪمپنين کان بوليون طلب ڪيون.
ايڪسپريس نيوز موجب بوليون 24 اپريل تائين طلب ڪيون ويون آهن ۽ 24 اپريل تي کوليون وينديون.
ذريعن موجب اپريل ۽ مئي لاءِ ٽن ڪارگوز جون بوليون طلب ڪيون ويون آهن، پهريون ڪارگو 27 کان 30 اپريل تائين، ٻيو ڪارگو پهرين کان 7 مئي ۽ ٽيون ڪارگو 8 کان 14 مئي تائين پهچائڻو آهي.


