سون سستو ٿي ويو؛ عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ قيمتون گهٽجي ويون

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سون جا اگهه گهٽجي ويا.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سومر تي سون جي في اونس قيمت ۾ 23 ڊالرن جي گهٽتائي ٿي، جنهن بعد نئين عالمي قيمت 4 هزار 65 ڊالر في اونس جي سطح تي پهچي وئي.

عالمي مارڪيٽ جي اثر هيٺ مقامي سٽا مارڪيٽن ۾ به ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن 24 قيراط سون جو في تولو اگهه 2300 رپين جي گهٽتائي سان 4 لک 28 هزار 936 رپين جو ٿي ويو.

اهڙي طرح ملڪ ۾ سون جو في 10 گرام اگهه 1972 رپيا گهٽتائي سان 3 لک 67 هزار 743 رپيا ٿي ويو.

مقامي سطح تي چاندي جو في تولو اگهه 69 رپين جي گهٽتائي سان 6 هزار 324 رپيا ۽ 10 گرام چاندي جو اگهه به 59 رپيا گهٽتائي سان 5 هزار 421 رپيا ٿي ويو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment