اسلام آباد:
پاڪستان في الحال ايل اين جي اسپاٽ ڪارگو خريد نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب پاڪستان کي قطر مان سستي ايل اين جي ملڻ جي اميد آهي، جنهن سبب پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ (پي ايل ايل) عالمي مارڪيٽ ۾ مليل سڀ کان گهٽ قيمتون به رد ڪري ڇڏيون آهن.
پي ايل ايل بي پي سنگاپور ۽ ٽوٽل انرجيز پاران پيش ڪيل گهٽ ۾ گهٽ بولين کي رد ڪرڻ بابت ڄاڻ ڏني آهي. اختيارين موجب پاڪستان کي ڊگهي مدي واري معاهدي تحت قطر کان سستي ايل اين جي ملڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي قطر کان 2 ايل اين جي ڪارگو ”مدت معاهدي“ جي شرح تي ملڻ جي اميد آهي. وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته قطر مان ايل اين جي برينٽ خام تيل جي قيمت 13.37 سيڪڙو جي شرح سان ملي سگهي ٿي، جڏهن ته قطر مان ايل اين جي ڪارگو جي دستيابي جا مثبت اشارا پڻ مليا آهن.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ممڪن آهي ته قطري سامان هرمز جي ذريعي پاڪستان پهچايو ويندو.
ياد رهي ته حڪومت سستي امپورٽ گيس ذريعي توانائي جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ سرگرم آهي. ان سلسلي ۾ ايل اين جي اسپاٽ مارڪيٽ بدران ڊگهي مدي وارين ٺيڪن کي ترجيح ڏني ويندي.


