آمريڪا عالمي واپار لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي اهم قرار ڏنو آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


آمريڪا عالمي واپار لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي اهم قرار ڏنو آهي، جڏهن ته واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته پاڪستان دنيا ۾ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ امن جي فروغ لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان آمريڪا سان واپار وڌائڻ ۽ نون شعبن ۾ تعاون ڪرڻ چاهي ٿو.

آمريڪي واپاري نمائندي رِڪ سوئٽزر خطي ۾ استحڪام لاءِ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي ساراهيو آهي.

ملاقات ۾ ٻطرفن واپار جي فروغ ۽ متوازن واپاري معاهدي تي به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. واپار واري وزير ڄام ڪمال چيو ته پاڪستان دنيا ۾ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ امن جي فروغ لاءِ پرعزم آهي.

پاڪستان آمريڪا سان واپار وڌائڻ ۽ نون شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي، آمريڪي عملدارن چيو ته پاڪستان سان واپار کي هٿي وٺرائڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته گڏيل طور تي فائديمند ۽ مستقبل جي حوالي سان واپاري فريم ورڪ ضروري آهي.

واپار واري سيڪريٽري جواد پال چيو ته گڏيل بنيادن تي واپاري فريم ورڪ پائيدار معاشي تعاون کي هٿي ڏيندو، ٽيڪنيڪل سطح تي ڳالهيون جاري آهن، ڪجهه معاملن تي اڳڀرائي اڃا باقي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment