اسلام آباد:
حڪومت عالمي مالياتي فنڊ کي ملڪ ۾ بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ جي خاطري ڪرائي.
آءِ ايم ايف ۽ حڪومت وچ ۾ بجيٽ تي ڳالهيون جاري آهن، جنهن ۾ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن، گردشي قرضن ۾ گهٽتائي ۽ مستقبل جي مالي هدفن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
ذريعن موجب حڪومت آءِ ايم ايف کي يقين ڏياريو آهي ته محفوظ صارفين کانسواءِ بجلي ۽ گيس جي صارفين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي ويندي.
بريفنگ ۾ آفيسرن ٻڌايو ته نيپرا جي ٽه ماهي ٽيرف ايڊجسٽمينٽ ۽ ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ وقت تي لاڳو ٿينديون. ان سان گڏ حڪومت توانائي جي عالمي قيمتن جو پورو بار صارفين تي منتقل ڪرڻ جي پاليسي برقرار رکي آهي.
بريفنگ موجب پيٽرول، بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ باقاعده تبديلين ذريعي مڪمل لاڳت جي وصولي جاري آهي، جڏهن ته ڪمزور ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي ٽارگيٽڊ سبسڊي جاري رهندي.
ذريعن موجب حڪومت آءِ پي پيز جي ڏنڊ جي ادائيگين جي حوالي سان ٺاهه کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ مصروف آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ مسابقتي بجلي مارڪيٽ قائم ڪرڻ تي به اڳڀرائي ٿي رهي آهي. آءِ ايم ايف کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته توانائي سڌارن سان بجلي جي نظام جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ نقصانات ۾ گهٽتائي جي اميد آهي.
ان دوران حڪومت آڊٽ ٿيل گيس ريوولنگ ڪريڊٽ بابت جامع ڊيٽا پڻ تيار ڪري ورتي آهي ۽ بجلي وانگر گيس سيڪٽر جي گردشي ڪريڊٽ کي ٽه ماهي بنيادن تي عوام کي ڏيڻ جو يقين ڏياريو آهي. ذريعن موجب مالي سال 2027ع جي گئس سرڪلر ڊيٽ مئنيجمينٽ پلان تي به ڪم جاري آهي.
بريفنگ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته جنوري 2027ع کان بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو مڪمل طور تي برقرار رهندو جڏهن ته مالي سال 2027ع لاءِ بجلي جي سبسڊي کي وڌ کان وڌ 830 ارب رپين تائين محدود ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو جي ڊي پي جي صرف 0.6 سيڪڙو جي برابر هوندو.
اها سبسڊي ڊسڪو، ڪي اليڪٽرڪ، فاٽا جي بقايا، زرعي ٽيوب ويلن ۽ گردشي قرضن جي ادائيگين لاءِ استعمال ڪئي ويندي.
ذريعن موجب آءِ پي پيز سان بقايا ۽ ڏنڊن بابت معاهدا جون 2026ع تائين مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مالي سال 2027ع ۾ ريوالونگ ڪريڊٽ ۾ اضافو 300 ارب رپين تائين محدود هوندو. حڪومت مالي سال 2031 تائين پاور سيڪٽر جي گردشي قرض کي صفر تائين گهٽائڻ جو يقين ڏياريو آهي.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اسڪو، گيپکو ۽ فيصل آباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني جي نجڪاري جو عمل 2027ع جي شروعات تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي.


