پاڪستان ۽ ڪينيڊا جي وچ ۾ تجويز ڪيل پرڏيهي سيڙپڪاري جي تحفظ ۽ فروغ واري معاهدي (FIPPA/BIT) تي ڳالهين لاءِ هڪ اعليٰ سطحي پاڪستاني سرڪاري وفد اوٽوا پهچي ويو آهي.
تفصيل موجب وفد جي قيادت ايڊيشنل سيڪريٽري بورڊ آف انويسٽمينٽ (بي او آءِ) پاڪستان ذوالفقار علي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته وفد ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي معاملن سان لاڳاپيل مختلف ادارن جا اعليٰ عملدار پڻ شامل آهن.
ڳالهين جي شروعاتي سيشن ۾ ڪينيڊا جي گلوبل افيئرس جي ڊائريڪٽر جنرل سائوٿ ايشيا بيورو جين ڪرسٽن برائنٽ پاڪستاني وفد جي آجيان ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ڳالهين جا مثبت ۽ تعميري نتيجا نڪرندا.

ان موقعي تي پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر محمد سليم ٻنهي ملڪن جي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ ڪينيڊا اعليٰ معيار جي سيڙپڪاري نظام ٺاهڻ لاءِ پرعزم آهن.
هن چيو ته پاڪستان حڪومت ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيترائي سڌارا متعارف ڪرايا آهن، جن ۾ سيڙپڪارن جو تحفظ، تڪرارن جو شفاف حل ۽ موثر ريگيوليٽري نظام خاص اهميت رکي ٿو.


