اسلام آباد:
حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ڪري عوام کي رليف کان محروم ڪري ڇڏيو آهي.
ايڪسپريس نيوز موجب عالمي سطح تي تيل جي اگهن ۾ مسلسل گهٽتائي باوجود پاڪستاني عوام اڃا تائين پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي کان محروم آهي، جڏهن ته حڪومت پيٽرول جي قيمتن ۾ معمولي گهٽتائي ڪندي پيٽرول تي ليوي وڌائي ڇڏي آهي.
حڪومت هڪ هفتي لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي ڪندي ليوي جي شرحن ۾ وڏي تبديلي ڪئي آهي، جنهن تحت پيٽرول تي 6 رپيا 22 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.
واڌ کانپوءِ پيٽرول تي ليوي جي شرح 70 رپيا 36 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
هوڏانهن حڪومت ڊيزل تي پيٽروليم ليوي جي شرح ۾ 6 رپيا 22 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي ليوي 70 رپيا 82 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
ان کان علاوه گاسليٽ تي پيٽروليم ليوي 20 رپيا 36 پئسا في ليٽر برقرار رکيو ويو آهي. اهڙي طرح پيٽروليم شين تي 5 رپيا في ليٽر ڪاربان ليوي به برقرار آهي.


